ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ انڊپينڊنٽ پاور پروڊيوسر (آءِ پي پي) طرفان بجلي جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سي اي او آءِ پي پي عمران خان چيو ته اسان ريٽرن آن ايڪيوٽي کي رضاڪاراڻي طور 18 کان 10 سيڪڙو ڪري رهيا آهيون.
ان موقعي تي آءِ پي پي مالڪ شهريار چشتي چيو ته قيمت ان ڪري گهٽ ڪري رهيا آهيون ته واهپيدار بجلي خريدي نه پيا سگهن، ملڪ ۾ بجلي جي صورتحال خراب آهي، بجلي سستي ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته 2021 ۾ سڀني آءِ پي پيز ريٽ آف ريٽرن ۾ 11 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي، 2021 جيان هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي سستي ٿيڻ گهرجي.
Prev Post
You might also like