ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌي اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ اڳوڻي اسيپڪر آغا سراج دراني خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اسلام آباد جلسي ۾ ڪيل تقرير تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي آغا سراج دراني چيو ته اِهو جيڪو خيبرپختونخوا ۾ ويهاريو آهي اِهو ڪير آهي؟پاڻ کي ڇا ٿو سمجهي؟ وڏو وزير ٿي ويو ته ڇا ايڏي وڏي ڳالهه آهي، مان سڃاڻنس ٿو هو ڪير آهي.
هن انڪشاف ڪندي چيو ته جڏهن هو گرفتار ٿيو هو ته کيس شڪارپور آندو ويو، اتي به هن بدتميزي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن تي ايس ايڇ او سندس وار ڪوڙي ڇڏيا هئا، سندس وار تمام وڏا هئا.
آغا سراج دراني چيو ته هو ( علي امين گنڊاپور ) اتي ويهي ڀڀڪيون هڻي رهيو آهي، کيس منهنجو پيغام ڏيجو ته تون 15 ڏينهن کانپوءِ اچ، اسان به ڏسئون ٿا تون ڪيئن واپس وڃي ٿو، زبان سنڀالي ڳالهائي، جيڪا ٻولي هو ڳالهائيندو آهي اهڙي ٻولي مان به ڳالهائي سگهان ٿو، چاليهه ورهين کان هن ايوان جو ميمبر آهيان پر اسان سياست ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون ناهيون ڪندا.
اڳوڻي اسپيڪر چيو ته علي امين گنڊاپور کي بيان تي معافي وٺڻ گهرجي اڃا به جيڪي تحريڪ انصاف جا ميمبر ايوان ۾ ويٺا آهن انهن سڀني کي پوري قوم کان معافي وٺڻ گهرجي.