گنڊاپور گرفتاري جو ڊرامو ڪري فارم هائوس ۽ اڊيالا پهتو؟

اسلام آباد (حماد حسن/سردار اويس) پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتارين ۽ علي امين گنڊاپور جي  گم ٿي وڃڻ تي اهو تاثر ڏنو ويو ته هڪ وڏي وزير کي به گرفتار ڪيو پيو وڃي جڏهن ته علي امين گنڊاپور رات جو هڪ فارم هائوس ۽ پوءِ اڊيالا جيل پهتو. پوءِ خبر پئي ته پشاور پهچي ويو  آهي ۽ هاڻي طبعيت خراب هجڻ جو ڄاڻائي اصل ۾ ميڊيا کان لڪي رهيو آهي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ۾ ڏڦيڙ جو اندازو ان ڳالهه مان به ٿئي ٿو ته سوال اٿي رهيا آهن ته بئريسٽر گوهر کي پوليس ڇڏي ڏنو ۽ شبلي فراز، عمر ايوب، حامد رضا کي پوليس گرفتار نه ڪيو. قومي اسيمبلي اجلاس جاري هو ته ريڊ زون جا رستا 3 وڳي ئي سيل ڪيا ويا هئا ۽ گرفتاريون ٿيون، زرتاج گل کي به گرفتار ڪرڻو هو پر خبر ناهي اها ڪيئن پوليس کان بچي نڪتي. چيو ويو ته علي امين گنڊاپور ڪي پي هائوس ۾ موجود آهي پر اتي موجود نه هو. اصل ۾ ڊي 17 ۾ زاهد چن زيب جي فارم هائوس تي موجود هو جتي موجود ٻين ماڻهن کي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ کان روڪيو ويو هو. علي امين گنڊاپور هڪ ڪاري گاڏي ۾ ڊرائيور ۽ گن مين سان فارم هائوس پهتو هو. ساڍي 12هين وڳي خبر آهي ته هو پريس ڪانفرنس ڪندو. پوءِ وري خاموشي ٿي وئي وري ٻي وڳي خبر آئي اڍائي وڳي وڏو وزير پريس ڪانفرنس ڪندو. ان ئي دوران اهو پتو پيو ته وڏو وزير اڊيالا جيل ۾ آهي، هو هڪ وڳي اڊيالا جيل پهتو هو ۽ ٻه اهم شخصيتون به اتي آيون هيون. ان کانپوءِ عمران خان به ڪاوڙ ۾ آهي ۽ هن چيو ته اسان سان دوکو ٿيو آهي. ايمل ولي به چيو ته علي امين ڊرامو ڪري رهيو آهي ته ڏسو وڏي وزير کي به گرفتار ڪيو پيو وڃي. هو ساڻن مليل آهي تقرير به هن انهن جي چوڻ تي ڪئي هئي اها تقرير اسڪرپٽڊ هئي. ڇو ته ريڊ زون ۾ سخت سيڪيورٽي مان هڪ پرائيويٽ ڪار ۾ نڪري وڃڻ ۽ ڪنهن کي خبر نه پوڻ به سوال اٿاري ٿو. تنهن کانپوءِ شاهد خٽڪ ۽ پوءِ فيصل امين چيو ته علي امين پشاور پهتو آهي، ڪي پي اسيمبلي جي اجلاس ۾ به نه آيو ۽ چيو ويو ته سندس طبعيت خراب آهي، اصل ۾ هو ميڊيا کان بچڻ لاءِ ائين ڪري رهيو آهي ڇو ته ميڊيا کي گهڻيون ڳالهيون کولڻيون هيون. پي ٽي آءِ ۾ اختلاف به آهن، بئريسٽر گوهر کي پوليس ڇڏي ڏنو ۽ شير افضل مروت شڪايت ڪئي ته ساڳيو ڪيس آهي ته هن کي ڇو ڇڏيو ويو. ايوان ۾ پي ٽي آءِ جي سينيٽر فلڪ ناز گهٽ وڌ ڳالهائيندي رهي ۽ پي ٽي آءِ وارن کي چوندي رهي ته منهنجو ساٿ ڏيو پر هنن چيو ته اسان ڇو ساٿ ڏيون؟ پوءِ اسپيڪر کيس معطل ڪري ڇڏيو. جڏهن شبلي فراز تقرير ڪئي ته هڪ انگريزي ڳالهائيندڙ عورت بيهي رهي ۽ شبلي فراز کي ڳالهائڻ نه ڏنائين جنهن تي شبلي فراز اٿي هليو ويو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 11 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.