ثبوت ڏيو ته يوٽيليٽي اسٽور بند نه ڪيا ويندا: آصفه ڀٽو زرداري

اسلام آباد (م ڊ) پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري يوٽيليٽي اسٽور ۽ پي ڊبليو ڊي جي بندش وارو معاملو قومي اسيمبلي ۾ اٿاريو. آصفا ڀٽو زرداري، نويد قمر، نفيسا شاهه ۽ اعجاز جکراڻي يوٽيليٽي اسٽور ۽ پي ڊبليو ڊي جي بندش بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. وفاقي وزير رانا تنويز ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ چيو ته ڪابينا ۾ يوٽيليٽي اسٽور بند ڪرڻ سميت ٻين آپشنز تي ڳالهه ڪئي وئي. يوٽيليٽي اسٽورن کي ختم ڪرڻ يا بند ڪرڻ بابت ڪا ڳالهه ناهي ٿي. رڳو ري اسٽرڪچرنگ ۽ بهتر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، ملازمن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو. آصفه ڀٽو زرداري کانئس سوال ڪيو ته جيئن ته اهو فيصلو ڪابينا ۾ ٿيو هو ان ڪري اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ ثبوت ڏنو وڃي ته اهو فيصلو ٻيهر نه ڪيو ويندو. رانا تنويز وڌيڪ چيو ته ري اسٽرڪچرنگ تي اسٽيڪ هولڊرن جي صلاح سان اڳتي وڌنداسين. منسٽر انچارج طور ڪيترا ڀيرا چيو آهي ته ري اسٽرڪچرنگ جي ڳالهه ٿي آهي. پي ڊبليو ڊي جا صوبائي پراجيڪٽس صوبائي کاتا ڏسندا. مينٽيننس جو معاملو سي ڊي اي حوالي ڪيو ويو. پاڪ پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ حڪومت جو فيصلو آهي. ان جي جاءِ تي هڪ اٿارٽي ٺاهي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.