نواز شريف جو وڏو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ کي چئني صوبن ۾ منظم ڪرڻ لاءِ نواز شريف وڏو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب ن ليگ سربراهه نواز شريف سڄي ملڪ جا دورا ڪندو ۽ سينيئر اڳواڻن سان ملندو.
نواز شريف سڀ کان اڳ بلوچستان جو دورو ڪندو، پوءِ هو سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه جو رُخ ڪندو.
ٽنهي صوبن جا دورا ڪرڻ کانپوءِ نواز شريف ڏکڻ پنجاب به ويندو، جتي هو پارٽي اڳواڻن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف پارٽي کي نئين سر متحرڪ ڪرڻ لاءِ بلوچستان ۾ نئين سر تنظيم سازي ڪندو، پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي نئين تنظيم سازي جو عمل مڪمل ڪيو ويندو.
ذريعن موجب نواز شريف جي هدايت تي تعلقي سطح تي تنظيم سازي لاءِ مشاورت جو عمل اڳ ئي مڪمل ٿي چڪو آهي، نواز شريف جي منظوري سان نئين تنظيم سازي جو اعلان ڪيو ويندو.
ٻئي مرحلي ۾ چئني صوبن ۾ يونين ڪائونسل تائين پارٽي جي تنظيم سازي جو عمل مڪمل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.