پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جنگ ان چيو آهي ته جوهري هٿيارن جي انگ ۾ واڌ ڪنداسين.
اتر ڪوريا جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب ڪم جونگ ان هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسان جو ملڪ هاڻ جوهري هٿيارن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ لاءِ جوهري طاقت جي تعمير جي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته اتر ڪوريا کي جوهري صلاحيت ۽ رياست جي تحفظ جا حق يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي تيارين کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۽ ان جي اتحادين طرفان پيش خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ مضبوط فوجي طاقت جي ضرورت آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like