دبئي جي شهزادي ”طلاق“ نالي پرفيوم متعارف ڪرائي ڇڏي، سبب ڇا آهي؟

گڏيل عرب امارتن جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي ڌيءُ شهزادي شيخا مهرا مڙس کان طلاق بعد “Divorce” جي نالي سان ئي پرفيوم لانچ ڪري ڇڏي.
شهزادي مهرا انسٽاگرام تي پنهنجي پرفيوم جي تصوير شيئر ڪندي مداحن کي اطلاع ڏنو، ان جي پرفيوم جي ڪاري بوتل تي نالو “Divorce” لکيل آهي.
پرفيوم لانچ کان اڳ شهزادي انسٽاگرام پوسٽ ۾ پنهنجي برانڊ مهرا ايم 1 پرفيوم جو هڪ ٽيزر به شيئر ڪيو هو، جيڪو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو هو.
شيخا مهرا گذريل سال اپريل ۾ بزنس مين شيخ مانع بن محمد بن راشد بن مانع المڪتوم سان شادي ڪئي هئي ۽ هلندڙ سال مئي ۾ کيس ڌيءُ ڄائي هئي.
ان کانپوءِ هلندڙ سال جولاءِ ۾ ئي مهرا سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ پنهنجي مڙس سان عليحدگي جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.