آمريڪي دٻاءُ سبب پاڪ-ايران پائيپ لائين معاهدو رولڙي جو شڪار آهي: خواجا آصف جو اعتراف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءُ وارو وزير خواجا آصف اعتراف ڪيو آهي ته آمريڪي دٻاءُ سبب ايران پائيپ لائين معاهدو رولڙي جو شڪار آهي.
هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين معاهدو پاڪستان جي بقا جو معاملو آهي، اسان 18 ارب ڊالرز ڪٿان ڏينداسين، هن وقت جيڪا صورتحال آهي اسان 18 ملين به نه ٿا ڏئي سگهون.
هن چيو ته آمريڪي دٻاءُ ايران پائيپ لائين معاهدو پورو ڪرڻ نه پيو ڏئي، آمريڪا سان ڊپلوميسي ڪئي وڃي ته جيئن هو اسان کي اِهو معاهدو مڪمل ڪرن ڏئي.
بچاءَ واري وزير چيو ته هلندڙ مهيني وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا جو دورو ڪندو کيس اِها ڳالهه ضرور ڪرڻ گهرجي، ايران برادر اسلامي ملڪ طور تمام گهڻو صبر ڪيو آهي.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين رٿا کي 2008 يا 2009 ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي ها، ايران عالمي عدالت وڃي رهيو آهي ته ان کي پنهنجي حقن جو تحفظ ڪرڻو پئجي رهيو آهي، ايران پاڪستان تي 18 ارب ڊالر ڏنڊ لاءِ پئرس جي ٽياڪڙي عدالت سان رابطو ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.