راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو اڄ کان اسٽيبلشمينٽ سميت ڪنهن به ڌر سان ڳالهين جا دروازا بند ڪري رهيو آهي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني چيو ته هن ڇهن پارٽي اڳواڻن کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهه ٻولهه جي اجازت ڏني هئي.
لاهور جلسي بابت عمران خان چيو ته 21 سپٽيمبر واري جلسي جي اجازت ملي يا نه ملي 21 سپٽيمبر تي لاهور ۾ جلسو ڪيو ويندو.
علي امين بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته علي امين گنڊاپور قوم جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي، علي امين گنڊاپور سان گڏ بيٺا آهيون.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ پي ٽي آءِ باني چيو ته علي امين گنڊاپور جي بيان تي معافي گهرندڙ ڪانئر ۽ ڊڄڻا آهن کين پارٽي مان نيڪالي ڏني وڃي.
فيصل واوڊا بابت سوال تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته فيصل واوڊا ڪنهن جو مائوٿ پيس آهي سڀني کي خبر آهي، اوهان ارشد شريف قتل ڪيس جو اوپن ٽرائل ڪرايو سڀ وائکو ٿي ويندو.
اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جا در بند، گنڊاپور جي بيان تي معافي گهرندڙ ڪانئر آهن: عمران خان
You might also like