اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي علائقي ايف اليون 2 ۾ زهريلو شراب پيئڻ سان ٻن عورتون ۽ هڪ مرد فوت ٿي ويا.
ذريعن موجب شاليمار جي علائقي ايف اليون ٽو ۾ الصفا هائٽس ۾ ڊانس پارٽي دوران غير معياري شراب واپرائڻ سان هڪ عورت ۽ مرد فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ناديا نالي عورت الصفا هائٽس جي اسٽاف کي واقعي جو اطلاع ڏنو، جڏهن ته ان جي پنهنجي حالت به خراب ٿي وئي.
اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا مڙهه ۽ ناديا نالي عورت کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ پمز اسپتال پهچايو، جتي اها به لاڏاڻو ڪري وئي.
فوتين ۾ ناديا، زابت پٽ عبدالسبحان شامل آهن، جڏهن ته ٻي عورت جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
Prev Post
You might also like