ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري ( تامل انڊسٽري ) جو مشهور پرڊيوسر دلي بابو پنجاهه ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، پرڊيوسر دلي بابو کي ڪجهه ڏينهن اڳ طبعيت ناساز هئڻ سبب چنائي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي اڄ سندس ساهه جو سڳو ٽٽي ويو .
ميڊيا رپورٽس موجب، اڃا تائين پرڊيوسر جي موت بابت تفصيل سامهون ناهن آيا، انڪري اِهو نه ٿو ٻڌائي سگهجي ته سندس موت ڪهڙي ڪارڻ ٿيو.
ٻئي پاسي دلي بابو جي اوچتي وڇوڙي سبب تامل فلم انڊسٽري ۾ سوڳ وارو ماحول آهي، اداڪار ۽ ٻيون شخصيتون سندس لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪري رهيون آهن.
رپورٽس موجب، دلي بابو پروڊڪشن هائوس ايڪسس فلم فيڪٽري جو باني هو، جنهن ذريعي هن ڪيئي ڪامياب فلمون پرڊيوس ڪيون.
ڪيون.
Prev Post
You might also like