اوول ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا ميزبان انگلينڊ کي ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ اٺ وڪيٽن هارائي ڇڏيو.
سريلنڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٿيل ٽن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز جي آخري ميچ ۾ سريلنڪا انگلينڊ کي اٺ وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، سريلنڪا 219 رنسن جو هدف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
سريلنڪا طرفان اوپنر پٿم نسانڪا 127 ۽ ڪوشال مينڊس 39 رنسن جي نمايان اننگز کيڏي.
شاندار بيٽنگ تي پٿم نسانڪا ميچ ۽ جوئي روٽ کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو .
واضح رهي ته ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز 2-1 تان انگلينڊ جي نالي رهي.
ياد رهي ته سريلنڪا 10 ورهين کانپوءِ انگلينڊ کي ڪنهن ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏني آهي.
Next Post
You might also like