بالي ووڊ کلاڙي پنهنجي 57 هين سالگرهه تي مداحن کي وڏو تحفو ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ کلاڙي اڪشي ڪمار پنهنجي سالگرهه تي مداحن کي وڏو تحفو ڏئي ڇڏيو.
اڪشي ڪمار پنهنجي 57 هين سالگرهه تي پنهنجي نئين هارر ڪاميڊي فلم ” ڀوت بنگلا “ جو پوسٽر شيئر ڪندي ان جي رليز جي سال جو به اعلان ڪيو آهي.
اڪشي ڪمار اڄ پنهنجي 57 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، ان موقعي تي سندس مداح ۽ ڪيئي مشهور شخصيتون کيس سالگرهه جون وڌايون ڏيڻ رڌل آهن.
کلاڙي ڪمار به پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي مداحن کي املهه تحفو ڏنو، اداڪار اڄ نوَ سپٽيمبر تي پنهنجي نئين هارر ڪاميڊي فلم ” ڀوت بنگلا “ جو اعلان ڪيو.
ڀوت بنگلا ذريعي اڪشي ڪمار ۽ پريا درشن 14 ورهين کانپوءِ ڪنهن فلم لاءِ گڏ ٿيا آهن، جوڙي آخري ڀيرو 2007 ۾ رليز ٿيندڙ فلم ڀول ڀليا ۾ گڏ ڪم ڪيو هو جيڪا سپر هٽ ثابت ٿي هئي.
بالاجي ٽيلي فلمز ۽ ڪيپ آف گڊز فلمز بئنر هيٺ ٺهندڙ فلم جون پرڊيوسر ايڪتا ڪپور ۽ شوڀا ڪپور آهن، فلم ايندڙ سال رليز ڪئي ويندي جڏهن ته تاريخ ۽ ٻي ڪاسٽ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.