موبائل نيٽ ورڪ متاثر ٿيڻ جو خدشو، پي ٽي اي چيئرمين خبردار ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي اي چيئرمين حفيظ الرحمان خبردار ڪيو آهي ته ٽيلي ڪام ڪمپنين جي لائسنس جي تجديد نه ٿي ته آپريشنز بند ڪرڻا پئجي سگهن ٿا، ڪمپنين جا آپريشنز بند ٿيڻ سان نيٽ ورڪ تي وڏو اثر پوندو.

سينيٽر پلوشا خان جي صدارت هيٺ سينيٽ جي آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪام بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.

پي ٽي اي چيئرمين ٻڌايو ته 5 ايل ڊي آءِ ڪمپنيون رهتون ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ڪجهه ڪمپنين عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيا آهن.

هن چيو ته ايل ڊي آءِ ڪمپنين جا لائسنس جولاءِ، آگسٽ ۾ ختم ٿي رهيا هئا، انهن رهتن جي ادائيگي قسطن ۾ چاهي، اڳوڻي سيڪريٽري آءِ ٽي پاليسي ڊائريڪٽو جاري ڪيو، جيڪو ان جو اختيار نه هو.

انوشا رحمان سوال ڪيو ته 15 ايل ڊي آءِ ڪمپنين جي آپٽيڪل فائبر ڪيبل ئي ناهي؟ 4 ايل ڊي آءِ ڪمپنيون گهڻيون متحرڪ آهن، جنهن تي پي ٽي اي چيئرمين ٻڌايو ته عدالت ۾ 15 ڪيس هلي رهيا آهن.

اختيارين چيو ته ايل ڊي آءِ ڪمپنين جا لائسنس جو مدو 2024 ۾ ختم ٿي رهيو آهي، ڏسڻ گهرجي ته ڇا وڌيڪ ايل ڊي آءِ لائسنس جي ضرورت آهي يا نه؟ ايل ڊي آءِ ڪمپنين ادائيگي ناهي روڪي.

پي ٽي اي چيئرمين ٻڌايو ته 2020 ۾ هڪ ايل ڊي آءِ ڪمپني کي قسطن تي ادائيگي جي اجازت ڏني، جنهن تي انوشا رحمان سوال ڪيو ته 2020 ۾ قسطن تي ادائيگي جي اجازت ڏني ته هاڻ ڇو نه؟ مسئلي جو حل ڪڍو، ايل ڊي آءِ لائسنس جي تجديد نه ٿيڻ سان نقصان ٿيندو.

پي ٽي اي چيئرمين چيو ته هڪ ڪمپني رابطو ڪيو ته اسان قسطن ۾ ادائيگي ڪرڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته آءِ ٽي ٽيلي ڪام سيڪريٽري چيو ته اسان ان معاملي تي وفاقي حڪومت جي پاليسي ڏسڻ چاهيون ٿا.

پي ٽي اي اختيارين خبردار ڪيو ته اسٽي آرڊر ختم ٿي وڃي ته انهن ڪمپنين جا لائسنس ڪينسل ٿي سگهن ٿا، لائسنس جي تجديد نه ٿي ته آپريشنز بند ڪرڻا پئجي سگهن ٿا، ان سان نيٽ ورڪ تي وڏو اثر پوندو ۽ نيٽ ورڪس جي بحالي تي وقت لڳندو، پي ٽي سي ايل وٽ ايتري صلاحيت ناهي جو کوٽ پوري ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.