راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪنٽينر ذريعي سريلنڪا موڪلئي ويندڙ پٽاٽن مان وڏي مقدار ۾ هيروئن برآمد ڪئي وئي، هيروئن 122 پٽاٽن ۾ وڏي مهارت سان لڪائي وئي هئي.
اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ڳجهي اطلاع تي ڪراچي انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمينل تي وڏي ڪارروائي ڪري ڪولمبو، سريلنڪا موڪلئي ويندڙ پٽاٽن جي ڪنٽينر مان وڏي مقدار ۾ هيروئن برآمد ڪري ورتي.
اي اين ايف ٻڌايو ته شڪي ريفريجريٽر جي تلاشي وٺڻ تي 1198 ٿيلهن مان 122 پٽاٽن ۾ مهارت سان لڪايل مجموعي طور تقريبن 5 ڪلو هيروئن برآمد ٿي.
اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي ٽيم اعليٰ پيشيوراڻي صلاحيت ۽ انتهائي مهارت سان تلاشي ورتي ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
You might also like