واٽس ايپ تي اهڙي سهولت، سڀ دنگ رهجي ويندا

واٽس ايپ ۾ تمام جلد اهڙي فيچر اچڻ وارو آهي جنهن بابت واهپيدارن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو.
ميٽا طرفان واٽس ايپ ۽ ميسنجر ۾ ٿرڊ پارٽي چيٽس واري فيچر بابت تفصيل جاري ڪيا ويا آهن. اِهو واٽس ايپ جو اهڙو فيچر آهي جنهن ذريعي واهپيدار ٻين ميسجنگ ايپ جهڙوڪ ٽيلي گرام ۽ سگنل وغيرا تي به دوستن سان چيٽ ڪري سگهندا.
اِهو فيچر ايندڙ هفتن ۾ رڳو يورپي يونين جي واهپيدارن کي دستياب هوندو، جيڪي ميسنجر ۽ واٽس ايپ جي اندر ئي ٻين پيغام رسائيندڙ ايپ ۾ چيٽ ڪري سگهندا.
ڪمپني طرفان ميسنجر ۽ واٽس ايپ جي لاءِ نئون نوٽيفڪيشن سسٽم تيار ڪيو پيو وڃي جنهن ذريعي واهپيدارن کي پتو پوندو ته هو پنهنجي چيٽس کي ٻين ٿرڊ پارٽي ايپس سان لنڪ ڪري سگهن ٿا.
ميٽا موجب، انٽرپورٽ ايبلٽي سپورٽ رڳو بنيادي فيچرز تائين محدود نه هوندي پر ري ايڪشنز، ڊائريڪٽ ريپلائيز، ٽائپنگ انڊيڪٽرز ۽ ريڊ رسيپٽس جهڙا ميسنجر فيچرز به واهپيدارن کي دستياب آهن.
اهڙي ريت ايندڙ سال ٿرڊ پارٽي چيٽس ۾ ٻين ماڻهن سان گڏ گروپس ٺاهڻ وارو آپشن به ڏنو ويندو.
ڪمپني طرفان ٿرڊ پارٽي وڊيو ۽ وائس ڪالز سپورٽ به 2027 تائين فراهم ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته ميٽا طرفان واٽس ايپ ۽ ميسنجر ۾ ٿرڊ پارٽي چيٽس وارو فيچر متعارف ڪرائڻ لاءِ گذريل ڪيئي مهينن کان ڪم ڪيو پيو هو.
ڪمپني طرفان يورپي يونين جي ڊجيٽل مارڪيٽس ايڪٽ تي عملدرآمد لاءِ ٿرڊ پارٽي چيٽ آپشن تي ڪم جاري آهي.
نئين ايڪٽ تحت ميسجنگ سروسز کي ڪراس پليٽ فارم ميسجنگ واري فيچر کي يقيني بڻائڻ هوندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.