انگلش ڪپتان ٽيسٽ ڪرڪيٽ 147 سالا تاريخ جو انوکو رڪارڊ جوڙي ورتو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي وقتي ڪپتان اولي پوپ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 147 سالن جي تاريخ ۾ انوکو اعزاز ماڻي ورتو آهي.
ڪرڪيٽ جي ميدانن ۾ ته هونئن آئي ڏينهن رڪارڊ ٺهندا ۽ ٽٽندا آهن، ڪڏهن ڪو تيز ترين سينچري اسڪور ڪندو آهي ته ڪڏهن ڪو سڀ کان وڌيڪ وڪيٽن جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪندو آهي.
پر ڪجهه رڪارڊ دلچسپ هوندا آهن، هڪ اهڙو ئي انوکو رڪارڊ انگلينڊ جي وقتي ڪپتان اولي پوپ ٺاهيو آهي.
اولي پوپ خميس ڏينهن سريلنڪا خلاف اوول جي ميدان تي ٽئين ٽيسٽ ميچ دوران شاندار سينچري اسڪور ڪئي هئي.
ان سينچري کانپوءِ انگلش ڪپتان ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 147 سالا تاريخ جو پهريون بيٽر بڻجي ويو جنهن پنهنجي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جون شروعاتي ست سينچريون ست مختلف ملڪن خلاف ٺاهيون آهن.
اولي پوپ سريلنڪا خلاف سينچري کان اڳ ڏکڻ آفريڪا، نيوزيلينڊ، پاڪستان، آئرلينڊ، ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز خلاف هڪ، هڪ سينچري اسڪور ڪري چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.