ملڪي انصاف جي اعليٰ اداري مان لکين رپين جي ماليت جا ڪمپيوٽر چوري!

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مان لکين رپين جي ماليت جا ٻه ڪمپيوٽر سسٽم چوري ٿي ويا آهن.
سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ڊائريڪٽر جي درخواست تي سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ ڪمپيوٽر چوري ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر جي متن موجب، ڪمپيوٽر ٽِين ماڙ جي ڪمري ۾ منتقل ڪيا ويا هئا جتان اِهي چوري ٿي ويا، سينيئر ڊپٽي ڊائريڪٽر نيٽ ورڪ ٻڌايو ته ٻه نوان ڪمپيوٽر موجود نه آهن.
ايف آءِ آر موجب، نون ڪمپيوٽرن ۾ سي پي يو ۽ ايل سي ڊيز شامل هيون، سي سي ٽي وي ۾ ٻه ملازم فيصل ۽ زاهد مشڪوڪ چر پر ڪندي ڏٺا ويا، چوري ٿيل ٻنهي ڪمپيوٽرن جي ماليت ڇهه لک رپيا آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ معاملي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.