محسن نقوي پوليس تي پٿراءَ جو نوٽيس ورتو، آءِ جي کان رپورٽ طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان پوليس تي پٿراءَ جو نوٽيس ورتو آهي.
محسن نقوي آءِ جي اسلام آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، گڏوگڏ هن زخمي ايس ايس پي شعيب خان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري خيريت معلوم ڪئي.
وفاقي گهرو وزير هدايتون جاري ڪيون آهن ته زخمي پوليس اهلڪارن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.