رٽائرمينٽ جي عمر ۾ افتخار کي ريڊ بال ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر افتخار احمد ريڊ بال ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳو.
فيصل آباد ۾ پريڪٽس کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي افتخار احمد چيو ته جڏهن توهان سٺو پرفارم ڪندا آهيو ته بهتر موقعا به ملندا آهن، ريڊ بال جي تياري ڪري رهيو آهيان، ڪوشش آهي ته ٻيهر ريڊ بال ڪرڪيٽ ۾ اچي وڃان.
هن چيو ته مان مڊل آرڊر نه پر ٽيل انڊر جو بيٽر آهيان، دنيا ۾ مڊل آرڊر بيٽر چوٿين يا پنجين نمبر تي کيڏندا آهن، مان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ چوٿين نمبر تي پرفارم ڪيو آهي، چاهيان ٿو ته جنهن نمبر تي پرفارم ڪيو، ٽيم ۾ ان ئي نمبر تي کيڏان، شروع کان مصباح الحق کي فالو ڪندو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.