عوام پي ٽي آءِ جي جلسي کي رد ڪري ڇڏيو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عوام پي ٽي آءِ جي جلسي کي رد ڪري ڇڏيو، اسلام آباد سميت پنجاب ۾ ٽريفڪ معمول موجب رهي، جن لکين ماڻهن کي اڄ انقلاب برپا ڪرڻو هو اهو ڪاڏي ويا؟
پنهنجي بيان ۾ عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جلسي لاءِ جعلي وڊيوز جو سهارو ورتو، جلسي جي ناڪامي لڪائڻ لاءِ جعلي ٽوئيٽس ڪيا، سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ڳالهايو پر پوءِ به احتساب ٿي رهندو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي قيادت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، ان ناڪام جلسي تي اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته تبديلي جو جذبو، تبديلي جو جنون، انالله وانا اليه راجعون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.