اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سنڌ صوبي ۾ 2022 جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ گهرن ۽ اسڪولن جي تعمير جي فنڊن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
وفاق سنڌ ۾ ٻوڏ سان متاثر گهرن جي تعمير لاءِ رقم 25 اربن مان وڌائي 30 ارب ڪري ڇڏي ۽ متاثر اسڪولن جي تعمير لاءِ رقم 2 ارب رپين مان وڌائي 5 ارب رپيا ڪئي وئي.
رقم وفاقي حڪومت طرفان جاري پي ايس ڊي پي ۾ وڌائي وئي آهي، گذريل مالي سال ۾ ٻوڏ متاثر گهرن جي تعمير لاءِ 25 ارب رپيا ۽ اسڪولن جي تعمير لاءِ 2 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا.
هوڏانهن وفاق ۽ سنڌ ۾ ترقياتي فنڊن تي تڪرار تي ناڻي واري وزارت سنڌ حڪومت کي هڪ خط لکي چيو آهي ته سنڌ صوبو سڀ کان وڌيڪ ترقياتي بجيٽ ملڻ باوجود دانهون ڪري رهيو آهي، هلندڙ مالي سال هيل تائين سڀ کان وڌيڪ فنڊ سنڌ کي 5 ارب 58 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن.
واضح رهي ته مراد علي شاهه ترقياتي بجيٽ رليز نه ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکيو هو.
You might also like