عارف علوي جلسي بابت غلط تصوير شيئر ڪرڻ تي معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر عارف علوي ايڪس تي تحريڪ انصاف اسلام آباد جلسي بابت غلط تصوير شيئر ڪرڻ تي معذرت ڪري ڇڏي.
عارف علوي پنهنجي غلطي تسليم ڪندي چيو ته جاچ پڙتال کانپوءِ مان ٻه پوسٽون ڪاٽي ڇڏيون آهن، ڇو ته اهي گذريل موقعي جون تصويرون هيون.
هن چيو ته مان غلطي تي معذرت ڪيان ٿو، سوشل ميڊيا ايترو وڏو آهي جو ان کي قابو يا مڪمل بند ڪرڻ ممڪن ناهي، رڳو غلطي جي اصلاح ئي ان جن کي قابو ڪري سگهي ٿي.
واضح رهي ته ن ليگ اڳواڻ عظميٰ بخاري عارف علوي طرفان غلط تصوير شيئر ڪرڻ تي تنقيد ڪندي ان غلطي جي نشاندهي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.