ڀارتي فوج الرٽ، بنگلاديش سان جنگ جو خطرو؟

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش چيو آهي ته ڀارت سان جنگ جو ڪو امڪان ناهي.
ڀارتي بچاءَ واري وزير جي بنگلاديش جي سرحد تي فوج کي تيار رهڻ جي بيان تي بنگلاديشي عبوري پرڏيهي وزير ردعمل ڏيندي واضح ڪيو ته ڀارت سان جنگ جي ڪا صورتحال ناهي.
توحيد حسين چيو ته اهڙي قسم جي بيانن سان پريشاني کان وڌيڪ حيرت ٿيندي آهي، هن اها ڳالهه پنهنجي ئي ملڪ جي اندروني تڪرارن سبب چئي آهي.
سندس چوڻ هو ته مان ان بابت ڪا اڳڪٿي نٿو ڪرڻ چاهيان، ان معاملي تي ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي.
واضح رهي ته ڀارتي بچاءَ واري وزير جوائنٽ ڪمانڊرز جي تقريب کي خطاب ۾ فوج کي بنگلاديش جي سرحد تي غير امڪاني صورتحال لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي هئي.
ياد رهي ته ڀارت فرار ٿيندڙ حسينا واجد سبب ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.