ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر،  حورالنسا پليجو ۽ عبدالرحمان سمون پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. هڪڙي پاسي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيا پيا وڃن ته ٻئي طرف سنڌو درياهه تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي سرڪار ارسا ايڪٽ ترميم جي حمايت ڪري سنڌ جي وجود مٿان هڪ ٻيو وار ڪيو آهي. اڳواڻن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اڄ لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو. سنڌ جا اديب، وڪيل، صحافي، قلمڪار، شاگرد جدوجهد ۾ شريڪ ٿيندا. هن جدوجهد کي اڃا به وسيع ڪيو ويندو. ٻي پاسي ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سنڌي ادبي سنگت جي اعلانيل احتجاجن جي حمايت ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سنڌي ادبي سنگت جي احتجاجن ۾ عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ڀرپور شرڪت ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.