فيض حميد عمران خلاف سلطاني شاهد بڻجي سگهي ٿو: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته فيض حميد عمران خان خلاف سلطاني شاهد بڻجي سگهي ٿو، ثبوت پي ٽي آءِ  باني کي فوجي ٽرائل طرف وٺي وڃي رهيا آهن.هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته فيض حميد جي خواهش هوندي ته سڄو ملبو عمران خان تي اڇلايو وڃي. هن چيو ته جيڪي ثبوت سامهون اچي رهيا آهن، انهن موجب اهو واضح ٿي رهيو آهي ته عمران جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ ٿيندو. هن چيو ته جڏهن نيب ۾ ترميمن جو سلسلو شروع ٿيو ته پرويز خٽڪ بچاءُ وارو وزير هو، هن اسان سان رابطو ڪيو، اسان ان سان اتفاق ڪيو، ڳالهيون شروع ڪرڻ جي ڪليئرنس جنرل فيض کان آئي، ڳالهيون اسپيڪر اسد قيصر جي گهر ٿينديون هيون، ڪمري ٻاهران آءِ ايس آءِ جا چار ماڻهو ويٺا هوندا هئا، اهڙي قسم جي قانون سازي ٿيندي هئي. جنرل فيض قانون سازي، اليڪشن ۽ حڪومتي معاملن جي حساس معاملن ۾ مداخلت ڪندو هو ته پوءِ ڇا 9 مئي وارو واقعو سندس اجازت بغير ٿيو هوندو؟ .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.