اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ جلسن ۽ جلوسن کي ريگيوليٽ ڪرڻ واري بل تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. صدر جي صحيح کانپوءِ بل قانون بڻجي ويو آهي جيڪو فوري طور تي لاڳو ٿيندو.صدر جي دستخط کانپوءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ گزٽ نوٽيفڪيشن جي ڪاپي موڪلي ڇڏي آهي.قانون کي پرامن ميڙاڪو ۽ پبلڪ آرڊر جو نالو ڏنو ويو آهي.