سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ رشوت عيوض نوڪريون ڏيڻ جو انڪشاف

لاهور (امداد سومرو) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ نوجوانن کي پيسن عيوض پاس ۽ فيل ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان هڪ آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي. جنوري ۾ پبلڪ سروس ڪميشن سيڪنڊري اسڪول ٽيچرز لاءِ گريڊ 16 جا امتحان ورتا ۽ پيپر آئوٽ ٿي ويا، ايف آءِ اي جاچ ۾ اسسٽنٽ ڪنٽرولر زين عالم کيڙو کي گرفتار ڪيو. سندس موبائيل فون جي فرانزڪ ڪئي وئي جتان اهم انڪشاف ٿيا. جاچ ۾ ڏٺو ويو ته ننڍي آفيسر وڏي آفيسر کي ميسيج ڪيو ته فلاڻي شاگرد کي پاس ڪرڻو آهي ۽ نتيجن ۾ اهي شاگرد پاس ملن ٿا جن بابت ميسيج ڪيا ويا هئا. ايف آءِ اي حيدرآباد فيبروري ۾ آڊٽ رپورٽ تيار ڪئي جنهن ۾ اهڙو انڪشاف ٿيو. هاڻي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڪيس هلي رهيو آهي ۽ اينٽي ڪرپشن سنڌ جو کاتو زين عالم کيڙو کي بچائي رهيو آهي. گذريل ٻڌڻي تي جج اينٽي ڪرپشن عملدارن جي ڇنڊ پٽي ته چالان پيش ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ هن وقت زين عالم کيڙو ضمانت تي آهي. اهڙي ريت ڪنٽرولر کي به بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.