زال جي قتل جو جرڳو، مڙس مٿان ڏوهه ثابت، 28 لک رپيا ڏنڊ مقرر

ڏهرڪي (رپورٽ: اسد لغاري) ڏهرڪي جي داد روڊ واسڻ مينا ميگهواڙ کي مڙس پاران مبينا گهٽا ڏئي قتل ڪيو هيو اهڙو ڪيس  مقتولا ناري مينا جي پيءُ کيمچند جي فرياد تي ناري جي مڙس مڪيش ڪمار ۽ ٻين مٿان ڏهرڪي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هيو جنهن بعد ڏهرڪي پوليس ڪارروائي ڪندي ناري جي مڙس مڪيش ڪمار کي گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو هو، ناري مينا جي مبينا قتل ڪيس جو جرڳو سيد اصغر شاھ جي سرپئنچي ۾ ڪيو ويو ڌرين جو ڳالهيون ٻڌڻ بعد مقتولا ناري جو مڙس ڏوهي ثابت ٿيڻ تي مٿئس 28 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جرڳي جي مقرر ڪيل رقم 28 لک روپين مان مقتولا ناري جي پيءَ کيمچند 5لک رپيا معاف ڪري ڇڏيا جڏهن ته باقي رقم موقعي تي ادا ڪئي وئي جنهن بعد ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويا جڏهن ته مقتولا ناري مينا جو پيءَ کيمچند ۽ ڪيس جا گواهه ڪيس جا بيان ڦيري ڏيڻ جا پابند رهندا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.