ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان چيو آهي ته ڪراچي ۽ سنڌ جي تباهي جون ڪهاڻيون روز ميڊيا تي نشر ٿي رهيون آهن، شهر قائد جا روڊ رستا، اسپتالون، تعليمي ادارا سڀ تباهه ٿي ويا آهن. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جي بيان تي ردعمل ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو پيپلز پارٽي جي فرعوني حڪومت جي نااهلي ۽ اقربا پروري سبب بيوس آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ مان گڏ ٿيندڙ ٽئڪس وفاق مان سنڌ کي ملي ٿي پر ان جو جائز حصو شهر تي خرچ نه پيو ٿئي. ايم ڪيو ايم جي ترجمان چيو ته ڇا سنڌ جا حڪمران مرتضيٰ وهاب کي پي ايف سي مان ڪراچي جو جائز حصو ڏئي رهيا آهن؟ هن چيو ته ايم ڪيو ايم مرتضيٰ وهاب کي بااختيار بڻائڻ ۽ وسيلا ڏيارڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو آهي، ڇا مرتضيٰ وهاب پنهنجي قيادت سان ڪراچي ۽ سڄي پاڪستان جي مڪاني حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو؟