”ٻارن کي درسي ڪتاب نه پيا ملن“ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾درخواست

ڪراچي (رپورٽر) ايڊووڪيٽ رضا شر پاران تعليم واري سيڪريٽري، سيڪنڊري پرائمري ڊائريڪٽرن، چيئرمين سنڌ  ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، درخواستگذار جو چوڻ آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي اڪثر سرڪاري اسڪولن ۾ ٻه مهينا گذرڻ باوجود درسي ڪتاب نه ملي سگهيا آهن، تعليم کاتي پاران درسي ڪتاب نه ملڻ سبب سنڌ جي شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، سنڌ حڪومت جي ايڏي وڏي بجيٽ هجڻ باوجود سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ درسي ڪتاب موجود نه آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.