سيڙپڪاري جي نالي تي شهرين کي ڦريندڙ 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) جعلي سيڙپڪاري جو هڪ ٻيو وڏو اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي، جعلي نالن ۽ آفيسون ڦهلائيندڙ بالادي ڀائرن سيڙپڪارن  جي نالي تي سوين شهرين کي ڦريو، سائبر ڪرائم يونٽ 2 اهم جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. سي ٽي ڊي جي انٽيليجنس ونگ سائبر ڪرائم يونٽ ملير ڪينٽ روڊ تي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي بين الصوبائي جعلسازي گينگ جي 2 جوابدارن شمشاد علي بالادي عرف عمران بلوچ عرف عامر علي شاهه ۽ لکمير بالادي عرف مختيار وايو ايڊووڪيٽ عرف ابرار شاهه کي گرفتار ڪري ورتو پاڪستان جي مختلف تحقيقاتي ادارن ۽ پوليس کي انتهائي گهربل. سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب موجب گرفتار جوابدار ڪراچي، ملتان ۽ راولپنڊي ۾ نيب، ايف آءِ اي ۽ پوليس کي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.