راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان سپريم ڪورٽ طرفان نيب ترميمن بابت ڪيس جي فيصلي کانپوءِ 190 پائونڊ ڪيس ۾ رعايت گهري ورتي.
عمران خان خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿي، ٻڌڻي دوران عمران خان نيب ترميمن جي فيصلي کانپوءِ 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ باني جي وڪيل چيو ته نيب ترميمن بابت فيصلي کانپوءِ 190 ملين پائونڊ جو ڪيس ٺهي ئي نٿو، نيب ترميمن ۾ ڪابينا جي سڀني فيصلن کي تحفظ حاصل آهي.
عمران خان جي وڪيل چيو سوال اهو آهي ته نيب ترميمن کانپوءِ احتساب عدالت جو ان ڪيس ۾ اختيارن جو دائرو ٺهي ٿو يا نه.
نيب پراسيڪيوٽر چيو جيڪڏهن عدالت جو ان ڪيس ۾ اختيار جو دائرو آهي ته پوءِ بريت جي درخواست ٻڌي سگهجي ٿي، جنهن تي وڪيل چيو اسان عدالت جي اختيارن جي دائري کي چئلينج ئي ناهي ڪيو، اهو فيصلو ڪرڻ عدالت جو اختيار آهي.
احتساب عدالت پي ٽي آءِ باني جي بريت جي درخواست تي ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عمران خان نيب ترميمن بابت فيصلي کانپوءِ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ رعايت گهري ورتو
You might also like