ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا عرفي جاويد 15 ورهين جي ڇوڪري طرفان ڪيل حرڪت تان پردو کڻي ڇڏيو.
عرفي جاويد سوشل ميڊيا تي لکيو ته مون سان ۽ منهنجي فيملي سان ڪجهه بُرو ٿيو، منهنجو فوٽو شوٽ ٿي رهيو هو ته ان دوران اتان بائيڪ تي ڪجهه ڇوڪرا گذريا، جن مان هڪ مون کان پڇيو ته What is your body count?.
واضح رهي ته باڊي ڪائونٽ جي اصطلاح جو اولهه ۾ اهو مطلب به ورتو ويندو آهي ته توهان ڪيترن ماڻهن سان جسماني لاڳاپا قائم ڪري چڪا آهيو.
عرفي جاويد چيو ته ان ڇوڪري جي عمر 15 سال مَس هئي، ان منهنجي فيملي ۽ منهنجي ماءُ سامهون اها حرڪت ڪئي.
گڏوگڏ هن هڪ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته توهان منهنجي چهري مان ڏسي سگهو ٿا ته ڪيتري پريشان ٿي وئي هيس، منهنجي دل چئي رهي هئي ته اتي ئي سڀني جي سامهون ڇوڪري کي چماٽ وهائي ڪڍان.
هن چيو ته مهرباني ڪري پنهنجي ڇوڪرن کي عورت جي عزت ڪرڻ سيکاريو، مون کي ان ڇوڪري جي والدين لاءِ ڪافي برو لڳي رهيو آهي.
Next Post
You might also like