ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان نون ڪرنسي نوٽن جي ڊيزائن لاءِ ڪرايل مقابلي جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بئنڪ موجب ڪُل ڊيزائنرن طرفان موڪليل 10 ڊيزائنز کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي ۽ جن جون ڊيزائن شارٽ لسٽ ٿيون آهن، انهن کي انعام ڏنا ويندا.
اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته شارٽ لسٽ ٿيندڙ ڊيزائن علامتي آهن، جن کي ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي غور سان جائزو وٺڻ کانپوءِ چونڊيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب شارٽ لسٽ ڪيل ڊيزائنز پرڏيهي ڊيزائنرز کي موڪليون وينديون ۽ انهن جي راءِ کانپوءِ منظوري ڏني ويندي.
اسٽيٽ بئنڪ جن ڊيزائنز کي شارٽ لسٽ ڪيو آهي، انهن ۾ 20 رپين، 50 رپين، 100 رپين ۽ هزار رپين جي نوٽ جي هڪ – هڪ ڊيزائن، جڏهن ته 10 رپين، 500 رپين ۽ 5 هزار رپين جي نوٽن جون ٻه – ٻه ڊيزائن شامل آهن.
You might also like