آءِ سي سي رينڪنگ: پاڪستاني رانديگرن جي پوزيشن ڊائون

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽيسٽ پليئرز جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي رينڪنگ ۾ بابر اعظم جي پوزيشن وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي ۽ هو ٽي درجا وڃائيندي 12 هين نمبر تي هليو ويو جڏهن ته آغا سلمان نوَ درجا ترقي ماڻيندي 31 نمبر تي اچي ويو آهي.
ٽيسٽ بالنگ رينڪنگ ۾ ڀارت جو روي چندرن ايشون جو پهريون نمبر برقرار آهي.
ان کانسواءِ آسٽريلين ڪرڪيٽر جوش هيزل ووڊ جي ٻي ۽ جسپريت بمرا جي ٽين پوزيشن آهي جڏهن ته پاڪستاني بالر شاهين آفريدي هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ 11 هين نمبر تي هليو ويو آهي.
ٽيسٽ آل رائونڊرز ۾ رويندرا جاڙيجا جي پهرين ۽ روي چندرن ايشون جي ٻي پوزيشن آهي، بنگلاديش جي مهدي حسن معراج ٽي درجا بهتري سان ستين نمبر تي اچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.