اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) جمعيت علماءَ اسلام ( جي يو آءِ ) جي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ پراڪسي وار ۾ جنگ جو ميدان بڻيل آهي.
قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت ڪري رهيا آهن، ٽئڪس اوڳاڙي ڪري رهيا آهن، جديد هٿيارن سان ليس ڳوٺ ڳوٺ جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن، روڊن تي پهرا ڏئي رهيا آهن، بلوچستان ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ چار هنڌن تي رياستي ادارن تي، فوج تي حملا ٿيا، انهن معاملن تي ايوان غور ويچار نه ڪندو ته ٻيو ڪير ڪندو؟
فضل الرحمان چيو ته اڃا به اهڙن معاملن کي سنجيدا نه پيو ورتو وڃي، ٻنهي پاسي صورتحال جذباتي آهي، هڪ ڌر ان حد تائين هلي وڃي ٿي جو وري عليحدگي جي ڳالهه ڪري ٿي، ٻئي پاسي اسان طاقت سان منهن ڏيڻ ۽ رياست جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيون، ان قسم جا بيان صورتحال کي وڌيڪ جذباتي بڻائن ٿا، ٻنهي ڌرين جو انتها تي پهچڻ ملڪي سلامتي تي سواليا نشان بڻجي ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته اڄ سياسي ماڻهن جي اهميت ختم ڪئي پئي وڃي، سينيئر سياسي اڳواڻن کي سائيڊ لائين ڪيو پيو وڃي، معاملا ايتري قدر مونجهاري جو شڪار آهن جنهن کي حل ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي پر انهن سمورن معاملن کي سياسي ماڻهو ئي ختم ڪري سگهن ٿا، سياستدانن کي بااختيار بڻايو.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته نوجوان جذباتي هوندا آهن، معاملن کي ناهن سمجهندا جنهنڪري معاملا وڌيڪ منجهي پوندا آهن، هر شئي لاءِ امرت ڌارا بڻجڻ خواهش ٿي سگهي ٿي مسئلي جو حل نه، اسان پراڪسي ويڙهه وڙهي رهيا آهيون، اِها اسان جي مفادن جي جنگ نه آهي، هن وقت پاڪستان ان پراڪسي ويڙهه ۾ جنگ جو ميدان بڻيل آهي.
هن چيو ته مسنگ پرسنز هڪ اهم ۽ انتهائي سنجيدا مسئلو آهي، سندن پيار ورهين کان گم لاپتا آهن، جيڪو به گم آهي حڪومت جي ذميواري آهي سندس پونئرن کي ٻڌائي ته سندن ڀاتي ڪٿي آهي، اختر مينگل جنهن احساس تحت استعيفيٰ ڏني اِهو احساس هتي کوڙ سارين پارٽين جو آهي، اقتدار ۾ آندل ماڻهن وٽ ٻيو ڪو ڪم ناهي بچيو سواءِ ان جي ته جڏهن سندن آقا چاهي هو انهن لاءِ قانون سازي ڪن.
مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ حڪومت جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي، راڪيٽ لانچرز ۽ هر قسم جي جديد هٿيارن سان هٿياربند جٿا ڀتا وٺي رهيا آهن، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ صورتحال کي واپس معمول تي آڻي سگهجي ٿو پر طاقت جي استعمال جون ڳالهين سبب حالتون بگڙجنديون آهن، پارليامينٽ ان صورتحال ۾ اڳتي وڌي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جڏهن رياست ناڪام ٿي ويندي آهي ته اتي اسان ويندا آهيون ۽ حالتون ڪنٽرول ٿي وينديون آهن، مان اليڪشن کان اڳ افغانستان ويس جتي سرحدي ۽ ٻين معاملن تي ڪامياب ڳالهيون ڪيون.
”ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ حڪومتي رٽ ختم ٿي چڪي آهي، طاقت جي استعمال سان معاملا بگڙي ويندا“
Prev Post
You might also like