سون مسلسل ٻئي ڏينهن به سوين رپيا سستو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ سون جي قيمتن ۾ لڳاتار ٻئي ڏينهن به سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ في تولو سون 14 سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 60 هزار هڪ سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 12 سئو رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 22 هزار 994 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 17 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2 هزار 481 ڊالرز ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.