ڊيوٽي دوران ٽِڪ ٽاڪ ٺاهيندڙ سنڌ پوليس جي عورت ڪانسٽيبل معطل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا ليڊي ڪانسٽيبل جي وائرل ٽڪ ٽاڪ جو نوٽيس وٺي کيس معطل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا ليڊي طرفان ڪانسٽيبل ماريا جي وائرل ٽِڪ ٽاڪ وڊيو تي نوٽيس وٺندي کيس معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.
ڊي آءِ جي سائوٿ جو چوڻ آهي ته پوليس هڪ پيشيوراڻو ادارو آهي، غير ذميواراڻي فعل جي ڪنهن کي به اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
ليڊي ڪانسٽيبل ماريا ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهيندي چيو ته اسلام عليڪم جيئن ته منهنجي ڊيوٽي ماءِ ڪلاچي روڊ تي لڳي آهي، جنهن کي به مون سان ملڻو آهي ته هتي اچي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.