ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس جي خاص جهاز پاڪستاني حدن جو استعمال ڪيو آهي.
ايوي ايشن ذريعن موجب، پوپ فرانسس جي جهاز اٽلي کان جڪارتا ويندي پاڪستاني هوائي حدن جو استعمال ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پوپ فرانسس پاڪستان جي هوائي حدن مان گذرڻ تي خيرسگالي جو پيغام به ڏنو.
ذريعن موجب، پوپ فرانسس جو جهاز تهران کان پاڪستان جي هوائي حدن ڪراچي فلائيٽ ريجن ۾ داخل ٿيو، ان موقعي تي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر خاص جهاز کي ويلڪم ڪيو.
پوپ فرانسس طرفان صدر ۽ پاڪستاني عوام لاءِ خير سگالي جو پيغام ڏنو ويو.
Prev Post
You might also like