گڏيل عرب رياستن ۾قيد ڪاٽيندڙ بنگلاديشي شهرين لاءِ معافي جو اعلان

ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب رياستن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان حسينا واجد حڪومت خلاف احتجاج جي ڏوهه ۾ سزا ڪاٽيندڙ 57 بنگلاديشي شهرين کي معاف ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
حڪومتي فيصلي موجب، سزا يافته بنگلاديشي شهرين کي سزائون رد ڪري کين ملڪ نيڪالي ڏني ويندي.
سزا يافته ماڻهن ۾ ٽن کي عمر قيد، 53 کي ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، مقامي ميڊيا موجب، گڏيل عرب رياستن ۾ غيرقانوني طور داخل ٿيندڙ هڪ شهري کي 11 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، بنگلاديشي شهرين کي غيرقانوني احتجاج جي سڏ ڏيڻ ۽ امن امان جي صورتحال کي نقصان رسائڻ جي الزام هيٺ سزائون ٻڌايون ويون هيون.
ميڊيا رپورٽس موجب، بنگلاديشي شهرين جي معافي واري فيصلي کان ڪجهه ڏينهن اڳ اماراتي صدر بنگلاديش جي عبوري صدر محمد يونس جو رابطو ٿيو هو.
ياد رهي ته بنگلاديش ۾ جولاءِ ۾ شاگردن پاران شروع ڪيل ملڪ گير احتجاجي تحريڪ جي نتيجي ۾ شيخ حسينا واجد وزارت اعظميٰ تان استعيفيٰ ڏئي ڀارت فرار ٿي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.