اليڪشن ڪميشن پاران اسٽينڊنگ ڪميٽي کي خرچن جا تفصيل ڏيڻ انڪار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن، ملازمن جي پگهارن، خرچن ۽ عام چونڊن جي خرچن تي بريفنگ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو همايون مهمند جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن جي ايجنڊا ۾ اليڪشن ڪميشن ميمبرن، ملازمن جي پگهارن، سفر جي لاڳت ۽ اٺ فيبروري وارين عام چونڊن جي خرچن جا تفصيل طلب ڪيا ويا هئا.
اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري پارلياماني معاملن واري وزارت کي خط ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد آئيني ادارو آهي، ڪنهن وزارت جي ماتحت ناهي.
خط جي متن موجب، اليڪشن ڪميشن پارلياماني معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي دائري ۾ نه ٿو اچي، اليڪشن ڪميشن جا خرچ چارجڊ خرچن ۾ اچن ٿا.
خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي بجيٽ تي قومي اسيمبلي ۾ ووٽنگ ناهي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن طلب ڪيل معلومات ڪميٽي کي ڏيڻ جو پابند ناهي، اليڪشن ڪميشن قانون ۽ آئيني معاملن تي قانون سازي ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين همايون مهمند چيو ته اليڪشن ڪميشن وارا چون ٿا ته هو پارليامينٽ کي جوابده ناهن جنهن پارليامينٽ اداري جي تخليق ڪئي، رولز تحت اسان کي ڪنهن شخص کي طلب ڪرڻ، دستاويز، رڪارڊ وٺڻ جو اختيار آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي به طلب ڪري سگهون ٿا.
پارلياماني معاملن بابت سيڪريٽري چيو ته پارلياماني معاملن واري وزارت ۾ اليڪشن ڪميشن جو قانون سازي جو معاملو شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.