ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ڊمپل گرل هانيا عامر جي مقبوليت ۽ خوبصورتيءَ جا چرچا نه رڳو پاڪستان پر پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ جاري آهن جنهن جو اندازو ويجهڙائي سامهون آيل هڪ تبصري مان لڳائي سگهجي ٿو.
مشهور ڀارتي سوشل ميڊيا پرسنيلٽي ۽ صحافي فريدون شهريار جيڪو بالي ووڊ جي ڪيئي سپر اسٽارز جا انٽرويوز ڪري چڪو آهي، ويجهڙ ۾ هانيا عامر جو انٽرويو وٺڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
فريدون جي تبصري جو هڪ اسڪرين شاٽ سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي،وائرل اسڪرين شاٽ ۾ فريدون هانيا جي نئين ڊرامي ۾ سندس اداڪاري جي واکاڻ ڪئي آهي.
ان سان گڏوگڏ هن لکيو ته ” اوهان( هانيا ) سان هڪ انٽرويو ڪرڻو آهي، مهرباني ڪري ٻڌايو ته اِهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو. “
اداڪارا جا مداح اِهو تبصرو ڏسي تمام گهڻي خوش ٿيا ۽ هانيا عامر کي فوري طور تي انٽرويو لاءِ راضي ٿيڻ جو مشورو پڻ ڏنو.
هتي اِها ڳالهه پڻ ذڪر جوڳي آهي ته جيڪڏهن اداڪارا هانيا عامر جي انسٽاگرام پروفائيل تي موجود تصويرن ڏٺيون وڃن ته ڪيئي ڀارتي مداحن جا تبصرا موجود آهن جيڪي هانيا جي ڪم ۽ خوبصورتي کي ساراهي رهيا آهن.