ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب، ٿرپارڪر ۾ ڪالهه کان هلڪي برسات شروع ٿي آهي ۽ سڀاڻي چوماسي جون هوائون حيدرآباد تائين پهچي وينديون.
هن چيو ته ڪراچي ۾ رڳو سڀاڻي هلڪي يا وچولي وسڪاري جو امڪان آهي جڏهن ته ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات ٿي سگهي ٿي.
سردار سرفراز چيو ته ايندڙ ڏينهن ڪراچي جي موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي، سپٽيمبر ۾ گرمي پد هڪ ڊگري جو اضافو ٿيندو آهي جڏهن ته سپٽيمبر جو سراسري گرمي پد 33 ڏهائي 5 سينٽي گريڊ هوندو آهي.
Next Post
You might also like