پاڪستان کي بنگلاديش هٿان تاريخي شڪست، سينيئر رانديگر ٽيم تي بار بڻجي ويا!

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ سرجري جو شوشو ڇڏيو ويو پر نه سرجري ٿي سگهي نه ئي وڏن رانديگرن جي ڪارڪردگي ۾ ڪو سڌارو اچي سگهيو.
پاڪستان بيٽرن کان بيٽنگ ڪرڻ ئي وسري وئي، دنيا جي بهترين بيٽرن منجهان هڪ بابر اعظم 16 ٽيسٽ اننگز باوجود ففٽي به اسڪور ناهي ڪري سگهيو، بابر اعظم بنگلاديش خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي چئن اننگز ۾ 16 جي ايوريج سان 64 رنسون ٺاهيون!
بابر اعظم آمريڪا ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ۾ آمريڪا خلاف 44، ڀارت خلاف 13، ڪئناڊا خلاف 33 ۽ آئرلينڊ خلاف 32 جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي هئي.
بابر اعظم 26 ڊسمبر تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ نيوزيلينڊ خلاف 161 رنسون ٺاهيون هيون، ان کانپوءِ هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ففٽي به اسڪور ناهي ڪري سگهيو.
آخري 16 اننگز ۾ پاڪستان جي نمبر هڪ بيٽر 331 رنسون ٺاهيون آهن، بنگلاديش خلاف هن 11،31،22 0 جي اننگز کيڏي.
ڪپتان شان مسعود لاءِ به ٽيم ۾ جاءِ برقرار رکڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي، هو 26 جي ايوريج سان 105 رنسون ٺاهي سگهيو، هن ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 57 رنسون ٺاهيون هيون.
بنگلاديش خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ محمد رضوان سڀ کان وڌيڪ 294 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ هڪ سينچري ۽ هڪ ففٽي پڻ شامل آهي، سندس بهترين اسڪور 171 ناٽ آئوٽ رهيو.
سعود شڪيل سيريز ۾ 159 رنسون ٺاهيون، پهرين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 141 رنسن جي اننگز کانپوءِ سندس بيٽ خاموش رهي، اوپنر صائم ايوب چئن اننگز ۾ 135 رنسون ٻن ففٽين جي مدد سان اسڪور ڪيون
سلمان علي آغا 40 جي ايوريج سان 120 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته اوپنر عبدلله شفيق چئن اننگز ۾ ڏهن جي ايوريج سان 42 رنسون ٺاهي سگهيو.
ان کانسواءِ پاڪستان کي آسٽريليا هٿان 1-0 ۽ انگلينڊ هٿان 3-0 کانپوءِ هوم گرائونڊ تي ٽئين سيريز ۾ بنگلاديش خلاف 2-0 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.