هڪ سال دوران مٽا سٽا وارا ذخيرا ڪٿي پهتا؟ ناڻي واري وزارت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزارت موجب، هڪ سال دوران مٽاسٽا ناڻي جي مجموعي ذخيرن ۾ هڪ ارب 53 ڪروڙ 80 لک ڊالرز جو واڌارو ٿيو آهي.
ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب، هڪ سال دوران آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ 21 رپيا 13 پئسا واڌ ٿي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ هڪ سال ۾ هڪ ارب 53 ڪروڙ ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن جي ذخيرن ۾ ڇهه ڪروڙ اسي لک ڊالرز جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته مٽاسٽا ناڻي جا مجموعي ذخيرا 14 ارب 77 ڪروڙ 60 لک ڊالرز ٿي چڪا آهن.
رپورٽ ۾ آءِ ايم ايف جي نئين قرض پروگرام جي منظوري کانپوءِ مٽاسٽا ذخيرن ۽ رپئي جي قدر ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وزارت موجب، اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا نوَ ارب چاليهه ڪروڙ ٽيهه لک ڊالرز آهن ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ پنج ارب ستٽيهه ڪروڙ ٽيهه لک ڊالرز جا ذخيرا آهن.
ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته هڪ سال اڳ مٽاسٽا ناڻي جا مجموعي ذخيرا 13 ارب 17 ڪروڙ 80 لک ڊالرز ها جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ ست ارب 87 ڪروڙ 30 لک ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 5 ارب 30 ڪروڙ 50 لک ڊالرز جا ذخيرا هئا.
رپورٽ موجب، هڪ ڊالر 272 رپيا 51 پئسن تي اچي ويو آهي جڏهن هڪ سال اڳ هڪ ڊالر جي قيمت 299 رپيا 51 پئسا هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.