آپگهاتي بمبار روح الله جو بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) افغانستان مان آيل خارجي آپگهاتي بمبار روح الله جو وڊيو بيان منظرِ عام تي اچي ويو آهي.
وڊيو بيان ۾ خارجي دهشتگرد روح الله ٻڌايو ته هو هڪ سال کان افغان صوبي دانگام جي ڳوٺ طورطم جي مدرسي ترتيل القرآن ۾ کٿابي هئس، مدرسي ۾ آپگهاتي بم ڌماڪن جي تربيت ڏني ويندي آهي، جتي مان به ڏهن ڏينهن تائين آپگهاتي بمبار بڻجڻ جي تربيت حاصل ڪئي.
خارجي دهشتگرد چيو ته مدرسي ۾ مولوي صبغت الله سان فاروق ۽ ذاڪر آپگهاتي بم ڌماڪن جي تربيت ڏيندا آهن، روانگي کان ٻه ڏينهن اڳ انجڪشن لڳايا ويندا هئا جنهن کانپوءِ خبر نه پوندي هئي ته ڀرپاسي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي.
دهشتگرد روح الله جو وڊيو ۾ چوڻ هو ته ٽريننگ کانپوءِ سائي رنگ جي گاڏي ۾ هو چئن ساٿين سان ناري ضلعي جي ڳوٺ باتش ڏانهن روانو ٿيو، ان علائقي ۾ رات گذاري ۽ وري افغان بارڊر ڏانهن سفر ڪيو جتي هڪ جاءِ تي پهچي کين سرحد پار ڪرائڻ جي سهولتڪار جواد جي حوالي ڪيو ويو جنهن بارڊر پار ڪرائڻ کانپوءِ سجاد جي حوالي ڪيو.
گرفتار خارجي موجب، سجاد 2 آپگهاتي بمبارن ساجد ۽ عابد کي هنن کان ڌار ڪيو، ان کانپوءِ سجاد کيس مسجد ۾ وٺي ويو جتي رات گذاري، سجاد هن کي هدايت ڪئي ۽ سليمان سان هڪ پل تي ملڻ جو چيو، هڪ ڪلاڪ جو سفر ڪري سرنگ وٽ پهتو جتي هو ۽ سليمان هڪٻئي کان الڳ ٿي ويا.
دهشتگرد وڌيڪ چيو ته ٽرڪ ۾ سوار ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، ٽرڪ ۾ چڙهيس ته سيڪيورٽي فورسز پڪڙي ورتو، سليمان چيو هو ته جميل آپگهاتي جيڪٽ ڏيندو ۽ ٻڌايو ته ڪنٽونمينٽ ۾ ڪيئن حملو ڪرڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.