حڪومت جو واپارين کي ٽئڪس ڇوٽ ڏيڻ کان کتو جواب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب واپارين کي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف کي ٽارگيٽڊ سبسڊي تي اعتراض نه آهي، بي آءِ ايس پي ذريعي مستحق طبقي کي سبسڊي ڏئي سگهجي ٿي، ان حوالي سان هلندڙ هفتي چئني صوبن جي وڏن وزيرن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪڙي پاليسي لاڳو ٿيندي.
هن چيو ته وفاقي ناڻي وارو سيڪريٽري به صوبائي سيڪريٽريز سان رابطو ڪندو جڏهن ته هلندڙ مهيني ئي صوبن سان گڏجي قومي مالياتي معاهدو تيار ڪيو ويندو.
ناڻي واري وزير چيو ته پرڏيهي فنانسنگ جو ٻه ارب ڊالر جو گيپ آهي، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ ايڊوانس سطح تي ڳالهيون جاري آهن، ڪمرشل لون لاءِ هن وقت معاهدو ٿيڻ ضروري آهي.
هن وڌيڪ چيو ته قرض رول اور لاءِ ڳالهه ٻولهه حتمي مرحلي ۾ آهي، دوست ملڪن جا لاڳاپيل ادارا جلد پنهنجي حڪومتن کي ان حوالي سان آگاهه ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.