ميرپورخاص/ مٺي(رپورٽ: صالح اوٺو+ غازي بجير)ڪارونجهر جبل بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي آخري موقعو ڏيندي هڪ هفتي ۾ ڪارونجهر کي ورلڊ هيريٽيج قرار ڏئي نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ جو حُڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو آهي ته ڪارونجھر جبل ۾ ڪنهن قسم جي مداخلت ۽ ڪٽائي برداشت نه ڪئي ويندي ڪارونجهر جبل کي قومي ورثو قرار ڏيڻ کان سواءِ اوهان وٽ ڪو به آپشن ناهي .ڪارونجهر ڪٽائي ڪيس بابت گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص بينچ ۾ ٻُڌڻي ٿي گُذري. ڪارونجھر بجل جي ڪٽائي بند ڪري ڪارونجھر جبل کي قومي ورثو قرار ڏيڻ واري پٽيشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِڪورٽ سرڪٽ بينچ جي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي عدالت پاران گذريل ٻڌڻي ۾ ڪارونجھر کي قومي ورثو قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ وارين هدايتن جي باوجود نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ تي عدالت پاران ثقافت کاتي جي سيڪريٽري خيرل ڪلوڙ کان جواب طلب ڪيو ويو ته سيڪريٽري ۽ سرڪاري وڪيل پاران پاران نوٽيفڪيشن سان معاملو ٽيڪنيڪل ٽيم حوالي هجڻ جو سبب ڄاڻائيندي وڌيڪ ٻن هفتن جي مهلت طلب ڪئي ته عدالت پاران نوٽيفيڪيشن پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ ڏيکاريندي سيڪريٽري ثقافت ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کي هڪ هفتي اندر نوٽيفيڪيشن جاري ڪري عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ٻڌڻي دوران جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪارونجھر جبل ۾ ڪنهن قسم جي مداخلت ۽ ڪٽائي برداشت نه ڪئي ويندي ڪارونجهر جبل کي قومي ورثو قرار ڏيڻ کان سواءِ اوهان وٽ ڪو به آپشن ناهي جيڪڏهن ايندڙ پيشي تي نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو ته ڪاروائي ڪئي ويندي. ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف درخواست داخل ڪرائيندڙ وڪيل شنڪر ميگهواڙ موجب ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سخت هدايتون جاري ڪيون آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سنڌ حُڪومت کي آخري موقعو ڏيندي هڪ هفتي اندر ڪارونجهر کي ورلڊ هيريٽيج قرار ڏئي نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ جو حُڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ٻي صورت ۾ ڪارروائي جي پڻ تنبيهه ڪئي آهي،عدالت چيو ته سنڌ حڪومت کي آخري موقعو ڏيون ٿا ته صرف 7 ڏينهن اندر ڪارونجهر جبل کي هيريٽيج قرار ڏئي نوٽيفڪيشن پيش ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت وٽ ڪارونجهر کي هيريٽيج قرار ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي نه ئي اسان حڪومت جي ڪنهن فيصلي کي مڃون ٿا صرف ڪارونجهر جبل کي هيريٽيج قرار ڏئي نوٽيفڪيشن پيش ڪيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص بينچ پاران ڪارونجهر ڪيس ٻُڌڻ بعد ايندڙ ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي ۽ ايندڙ ٻُڌڻي 9 سيپٽمبر تي ٻيهر ٿيندي.