رٽائرڊ جج کي لنڊن ۾ فليٽ رشوت طور ملڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري)هڪ اهم عدالتي شخصيت کي لنڊن ۾ فليٽ رشوت طور ملڻ جو  انڪشاف خبر موجب ماضي ۾ اسلام آباد جي هڪ اهم سياسي شخصيت خلاف اعليٰ عدليه ۾ ڪيس هلندڙ هئا جنهن ۾ هڪ جج کيس غيرقانوني طور رليف ڏنو جنهن مان خوش ٿي سياسي شخصيت ان جج کي لنڊن ۾ قيمتي فليٽ تحفي ۾ ڏنو پر مني ٽريل جو جواز ڄاڻائي لکت ۾ نالي نه ڪيو اهو جج جڏهن رٽائر ٿيو ته فليٽ پنهنجي نالي ڪرائڻ جي تقاضا ڪئي جنهن تي سياستدان مختلف حيلن بهانن کان ڪم ورتو ذريعن موجب فليٽ جو قبضو رٽائرڊ جج وٽ آهي پر فليٽ سندس نالي ناهي،جنهن تي هو گهڻو پريشان آهي ۽ فون تي  سياستدان کي ڌمڪيون به ڏيندو آهي ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس به اڄڪلهه لنڊن ترسيل آهي پر ذريعن فليٽ هن حوالي ڪرڻ جي تصديق ناهي ڪئي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 03 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.